عبدالرحمان شهيد

عبدالرحمان شهيد: مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جي مسجد ۽ مقبرو تعلقي گمبٽ ۾ آهي. مخدوم شهيد ڪلهوڙن جي دور ۾ تمام وڏو عالم هو. سندس صاف گوئيءَ سبب وقت جا حڪمران سندس مخالف ٿي پيا. سنڌ ۾ ان وقت حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هئي. ميان نور محمد روهڙيءَ جي ساداتن جي خلاف ٿي پيو ته شهيد عبدالرحمان خداآباد ويو ۽ نور محمد ڪلهوڙي کي بازپرس ڪئي ته هو روهڙيءَ جي ساداتن کي تنگ نه ڪري. ميان نور محمد انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي لاءِ بي عزتي تصور ڪندي مٿس کهڙا شريف تي ڪاهه ڪئي. 222 ماڻهو نماز ادا ڪري رهيا هئا، انهن ۾ مخدوم عبدالرحمان به هو. انهيءَ حملي ۾ شهيد عبدالرحمان سميت سڀني ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. مخدوم عبدالرحمان، الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي، خواجه محمد زمان لنواريءَ واري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم ضياءُ الدين جو همعصر ۽ ساٿي هو. سندس مزار تعلقي گمبٽ ۾ آهي. مٿس قبو اڏيل آهي.


لفظ عبدالرحمان شهيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو